اسلام آ??اد – 02 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻط??في سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آ??اد ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان جڏ??ن ته بيلاروس پاران اول نائب پرڏيهي وزير سرگئي لوڪا شيوچ وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين سياسي لاڳاپن، اعليٰ سطح جي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه، واپار ۽ سيڙپڪاري، فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. پاڪستان بيلاروس لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪي??. س??ير سرگئي لوڪا شيوچ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻط??في تعاون جي شعبن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.