اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) سينٽ ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذولفقار عل?? ڀٽو کي ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو.گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ اعتراض واري نڪتي تي سينيٽر ضمير حسين گهمرو چي?? ته شهيد ذوالفقار عل?? ڀٽو جمهوريت خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏني، پنج جولاءِ تي شهيد ذوالفقار عل?? ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪوششن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.پيپلز پارٽي هميشه پارليامنيٽ جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر پونجو ڀيل چي?? ته 5 جولاءِ تي شهيد ذولفقار عل?? ڀٽو جي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي اڄ به اسان چئون ٿا ته ماضي جون غلطيون نه ورجايو وڃن. ملڪ ۾ جهموري نظام مضبوط ڪيو وڃي،سينيٽر سيد مسرور احسن چي?? ته اسان کي 5 جولاءِ جي واقعن مان سکندي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. سينيٽر سيف الله ابڙو چي?? ته سمورين سياسي قوتن کي گڏجي جمهوريت لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.