ڪراچي -07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شپنگ لائيز جي ريگيوليشن لاءِ جامع لائحه عمل ۽ بندرگاهن تي اسڪيننگ جي جديد مشينري جلد لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تائين ۽ ان مان ساما?? جي بنا رڪاوٽ رسد کي يقيني بڻائڻ لاءِ لياري ايڪسپريس وي کي ڪارگو ٽريفڪ لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکيو وڃي، ڪراچي ۾ موجوده بندرگاه?? جي ترقي سان ويليو ايڊيش?? جي صنعت سان روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ آمد تي بندرگاهن ۽ نيشنل فليگ ڪيريئر پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جاگرافيائي ??حا?? سان خطي ۾ مک اهميت رکندڙ آهي، ويجهڙ ۾ ئي پنهنجي قزاخستا?? جي دوري دوران روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ وچ ايشيائي ملڪ?? جي اڳواڻن سان ملاقات ٿي، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن لاءِ سامونڊي واپار جو سڀ کان موزون رستو فراهم ڪري ٿو، وچ ايشيائي رياستن واپار لاءِ پاڪستا?? جي بندرگاه?? جي استعمال ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته بندرگاهن ۾ جديد نظام ۽ ان سان ئي رسائي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي پاڪستان اربين رپين جو پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪراچي ۾ موجود بندرگاه?? جي ترقي سان ويليو ايڊيش?? جي صنعت مان روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي جديد اوزارن ۽ مشينري لڳائڻ سان ڪسٽمز ڪليئرنس جي وقت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، بندرگاهن تي اسڪيننگ جي جديد مشينري جلد لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. بندرگاه?? جي گنجائش مان مڪمل فائدو کڻڻ لاءِ ترجيحي بن??ادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تائين ۽ ان مان ساما?? جي بنا رڪاوٽ رسد کي يقيني بڻائڻ لاءِ لياري ايڪسپريس وي کي ڪارگو ٽريفڪ لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ساما?? جي رسد کي بهتر بڻائڻ لاءِ ملير ايڪسپريس وي کي بندرگاهن سان جوڙيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تائين ان مان ريل ذريعي ساما?? جي رسد جي سگهه کي وڌايو وڃي. پورٽ قاسم تي ايل اي?? جي جهاز?? جي فيس کي گهٽ ڪري ان کي عالمي سطح تي لاڳو ريٽس مطابق مقرر ڪيو وڃي، هن چيو ته شپنگ لائيز جي ريگيوليشن لاءِ هڪ جامع لائحه عمل بنائي جلد پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن پنهنجي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ۽ پنهنجي آپريشنز کي موثر بڻائڻ لاءِ هڪ جامع لائحه عمل جوڙي پيش ڪري. هن چيو ته ملڪ ۾ نجي ش??بي جي ترقي، ڪاروبار ۾ آساني ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون حڪومت جي اولين ترجيح آهن. الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان پاڪستا?? جي معيشت مستحڪم آهي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، پاڪستا?? جي روانگي واپار واري صنعت جي ترقي لاءِ روانگي واپار ڪندڙن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهي??ن. ??زيراعظم شهباز شريف ڪراچيءَ ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريش?? جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال خان، احد خان چيمه، عطا الله تارڙ، قيصر احمد شيخ، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيئرمين ايف بي آر، چيئرمين پي اين ايس سي، پي ڪيو اي، ڪي پي ٽي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريش?? جي آپريشنز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي بندرگاه?? جي ڪارڪردگي جي خطي جي ٻي بندرگاهه سان ڀيٽڻ تي ٻڌل هڪ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.