اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي تعا??ن تنظيم (اي سي او) جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خسرو نوزيري وزي??اع??م کي اي سي او جي قدمن ۽ پنهنجي مقرري دوران اي سي او کي بحال ڪرڻ جي پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. وزي??اع??م اي سي او کي علائقائي تعاون جي پليٽ فارم جي طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م چيو ته خسرو نوزيري پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي مان فارغ ٿيو هو جيڪا پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزي??اع??م تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اي سي او سڌاراجاتي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزي??اع??م چيو ته اي سي او ويزن 2025ع جي اهم دستاويز تي اڳوڻي وزي??اع??م محمد نواز شريف جي سرپرستي ۾ اسلام آباد ۾ 2017ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون جيڪو اي سي او جي لاءِ هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي لاءِ اها ڳالهه به فخر جوڳي آه?? ته اي سي او جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان، پاڪستان جو اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رهي چڪو آهي. خسرو نوزيري اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جي ح??ثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا.