اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايم پاڪس جي ڪيسز جي حوالي سان صورتحال تسلي بخش آهي، سمورن هوائي اڏن ۽ گذرگاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آ??ي، پمز اس??تال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو ??هي. انهن خيالن جو اظهار هن اس??ام آباد عالمي هوائي اڏي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق مختار احمد ڀرٿ ايم پاڪس جي انتظامن جي نگراني هو پاڻ ڪري رهيو ??هي. هن گذريل ڏينهن اس??ام آباد ايئرپورٽ تي منڪي پاڪس جي نگراني ج?? جائزو ورتو. ايئرپورٽ تي بارڊر هيلٿ سروسز جي عملي ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته سمورن هوائي اڏن ۽ گذر گاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آ??ي. انٽرنيشنل هيلٿ ريگوليشنز جي سفارشن تي عمل کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ايم پاڪس جي صورتحال تسلي جوڳي آهي، اڳواٽ قدمن جي ڀرپور نگراني ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اس??ام آباد ۾ پمز اس??تال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو ??هي. صحت واري وزارت صورتحال تي گهري نظر رکي ??هي. وفاق ۽ صوبا گڏجي سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته وبائن ۽ بيمارين کان عوام کي محفوظ رکڻ جو پختو عزم ڪيو ??هي.