ڍاڪا-14 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اٽارني جنرل محمد اسد الزمان ملڪي آئين ۾ ترميمن جو مطالبو ڪندي سوشلزم، بنگالي قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ??اباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ????م ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسد الزمان اهي رمارڪس بنگلاديش جي 15 هين آئيني ترميم جي قانوني حيثيت تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي پنجين ڏينهن پنهنجي دليلن دوران ڏنا. هن آئين جي آرٽيڪل 8 جو حوالو ڏيندي چيو ته سوشلزم ۽ سيڪيولرازم ان قوم جي حقيقتن جي عڪاسي نه ڪندا آهن جتي 90 سيڪڙو مسلمانن جي هجي. هن ان حوالي سان آئين جي اصل جملي کي ??حال ڪرڻ جي وڪالت ڪئي جنهن ۾ الله تي پختي ايمان تي زور ڀريو وي?? هو. هن آرٽيڪل 9 ۾ بنگالي قومپرستي جي هڪجهڙائي تي به سوال اٿاريا ان کي ??ديد جمهوري اصولن جي ابتڙ قرار ڏنو. هن ريفرنڊم ??اء?? شقن کي ??حال ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو، جن کي 15 هين ترميم تحت خ??م ڪيو وي?? هو. اٽارني جنرل آرٽيڪل 6 تي به تنقيد ڪئي، جيڪو ٻولي جي ذريعي قومي سڃاڻپ جي وضاحت ڪري ٿو ۽ دعويٰ ڪئي ته ان سان شهرين ۾ غير ضروي ويڇي کي هٿي ڏني آهي. هن چيوته آرٽيڪل (ka)7 ۽ (Kha) 7 جمهوريت جي روح سان هڪجهڙائي نٿا رکن ۽ آمراڻي مقصدن جي تڪميل ڪن ٿا ان ??اء?? انهن ٻنهي آرٽيڪلز کي ????م ڪيو وڃي. اٽارني جنرل نگران حڪومتي نظام جي خاتمي جي پڻ شديد مذمت ڪئي.