اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انڊومينٽ فنڊ لاءِ هڪ ارب روپين جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ۾ اسان جي دور ۾ 50 سيڪڙو اضاف?? ٿيو آهي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ ان کي اڃان به وڌيڪ وڌائينداسين، هي غريبن لاءِ سماجي تحفظ جو اهم پروگرام آهي اميد آهي ته نئين حڪومت به ان پروگرام کي جاري رکندي. هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊڪوارٽر ۾ بي آءِ ايس پي گ??يجوئيشن پروگرام ۽ بي آءِ ايس پي انڊومنٽ فنڊ جاري ڪ??ڻ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو.