اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 16 مهينن ۾ تاريخ جا غيرمتوقع وڏا چئلينجز درپيش هئا، اسان جي قدمن سان ملڪ ڊيفالٽ جي خطرن کا?? بچي ويو، اڄ پاڪستان اپريل 2022ع کا?? ??هت?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ مون پنهنجي ڪابينا جي ساٿين جي تعاون ۽ حمايت تي انهن جا ??ورا مڃيا. گذريل 16 مهينا وڏن چئلينجن جو دور هو، جيڪو اسان جي تاريخ ۾ غيرمتوقع هو. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي قوتن جو هڪ قومي ايجنڊا جي لاءِ گڏ ٿيڻ اسان جي جمهوري نظام جي ارتقا جي نمائندگي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته شديد ترين ٻوڏ کا?? وٺي ملڪ کي ڊيفالٽ کا?? بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جي نئين سر تعمير کا?? وٺي گورننس جي چئلينجز کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ بحرانن جي ڪثرت جي سنگيني کي ڏسندي اسان گڏيل حڪمت عملي جو استعمال ڪيو. هن چيو ته الحمدالله آگسٽ 2023ع ۾ پاڪستان اپريل 2022ع جي ڀيٽ ۾ ??هت?? آهي. اسان جي ڊگهي مدي وارا چئلينجز اڃا به آهن پر اڳتي وڌڻ جي رستي جي واضح طور تي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان رخ ۾ قدم شروع ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته آئون ڪابينا جي هر ساٿي جو ٿورائتو آهيان ته انهن جي مشوري ۽ تعاون سان جن ذاتي طور تي ملڪ جي ??هت??ين خدمت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، آئون انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو.