اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم تائين آسان پهچ کي يق??ني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سمورين معاشي مشڪلاتن جي باوجود هائير ايجوڪيشن جي حوالي سان مالي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت هائير ايجوڪيشن لاءِ مختص فنڊن جي بنا رنڊڪ جي فراهمي کي يق??ني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هايئر ايجوڪيشن بابت معاملن جي حوالي سان اعليٰ س??حي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.