ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چي?? آهي ته پاڪستان صرف امن جو حصيدار آهي، اسان ڪڏهن به ڪنهن ٻي جي جنگ جو حصو نه بڻجنداس??ن، امن ۽ استحڪام کانسواءِ پاڪستان جي معيشت ترقي نٿي ڪري سگهي، پاڪستان آمريڪا ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ذميداراڻو ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي?? آهي. ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي وز??راعظم ملڪ جي اقتصادي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس حڪومت کي ورثي ۾ بدترين معيشت ملي، معاشي استحڪام لاءِ حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا جنهن جي نتيجي ۾ غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو ۽ رو??ئي جو قدر مستحڪم ٿيو جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪئي.