اسلام آباد – 20 مئي (??ي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) اقتصادي معاملن واري وز??رت کي قرضن ۾ رليف جي ڏس ۾ گروپ 20 سان مفاهمت جي دستاويز تي صحيحون ڪرڻ ۽ ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم جي رليف فنڊ جي انتظام ۽ انصرام جي لاءِ پاليسي ڪميٽي ??ائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اي سي سي سپريم ڪورٽ جي عمارتن جي مرمت ۽ بحالي جي لاءِ 360.51 مل??ن رپين جي فني ضمني گرانٽ سميت ملڪ ۾ سمارٽ فونز جي تياري جي لاءِ ٺوس ترغيباتي پاليسي جي ڏس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير جي چيئرمين شپ ۾ ڪميٽي ??ائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.