اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ جرم تي ڌيان بدران افراتفري ۽ غير يقيني وڌائڻ چاهي ٿي، سنڌ جو وڏو وزير به مڃي رهيو آهي ته اتي غلط ڪيو ويو آهي، ائين ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ بدران الٽو سياست ڪئي پئي وڃي، اتي هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت آهي، توهان نتيجن جي پرواهه ??ري رهيا آهيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ ويٺل آهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙي پارٽي جنهن قائداعظم جي نالي تي پنهنجو نالو رکيو آهي، ان جي اڳواڻ جي ناٺي قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي ڪئي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيو جنهن کي پيپل??پا??ٽي جو وزير اعليٰ به مڃي رهيو آهي ته غلط ڪيو آهي جنهن تي ان جي خل??ف ڪيس ٺهي ٿو، جرم تي ڌيان بدران ۽ اهو ڏسڻ بدران ته ان کي ڪهڙِي سزا ملڻ گهرجي ته ان اهڙو رويو اختيار ڪيو ۽ ??ُل هنگامو ڪيو، الٽو مخالف ڌر سياست ??ري رهي آهي.