اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو آهي ??ه اهي آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن، کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي ??مل??رآمد نه ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڇي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان انتظامي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ ??مل??ارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چئني صوبائي چيف سيڪري??ري?? وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم هول سيل ۽ ريٽيلرز جي سطح تي قيمتن ۾ فرق تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ??ه ان سان ڪمزور ??مل??رآمد مڪينزم ۽ريگيوليٽري مڪينزم ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ محدود آبادگار مارڪيٽس پڻ آبادگارن جي استحصال جو هڪ سبب آهن. مڊل مين پاران ناحق منافعي جي ڪري قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ان سان غريب متاثر ٿئي ٿو. وزيراعظم صوبائي چيف سيڪري??ري?? کي ٽاسڪ ڏنو ??ه اهي اٽي جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪڻڪ جي پيڙهائي جي شرح جي حوالي سان ٺوس منصوبو پيش ڪن ته جيئن اٽي جي قيمتن کي هيٺ آڻي ??گهجي. وزيراعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو ??ه اهي 24 ڪلاڪن ۾ فارمر مارڪيٽس جو انگ وڌائڻ، نجي شعي کي پنهنجي ذاتي مارڪيٽس قائم ڪرڻ ۽ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل منصوبو پيش ڪن.