اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??لسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جي عزم کي ورجايو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ فلسطين جي صدر محمود عباس سان ??يليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان ??لسطيني صدر سان ??لسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مسجد اقصيٰ ۾ بيگناهه نمازين تي حملن ۽ غزه ۾ اسرا??يل پاران ??ضائي حملن جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي شهري مارجي ويا. وزيراعظم فلسطيني صدر کي ??نساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اهڙي طرح جي خلاف ورزين جي خلاف عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو يقين ڏياريو.