اسلام ??با?? – 17 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ??لب??گ گرينز اسلام ??با?? ۾ اي جي ٽاورز رهائشي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي شبعي ۾ سيڙپڪاري لاءِ وسيع گنجائش موجود اهي، حڪومت نج?? شعبي جي حوصلا افزئي لاءِ مراعتن تي ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ هائوسنگ يونٽس جي کوٽ کي نج?? شعبي جي حصيداري سان ختم ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته نج?? ۽ سرڪاري شعبو گڏجي هائوسنگ جي شعبي ۾ مختصر ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري ڪري سگهن ٿا، ڪورونا وبا جي باوجود هائوسنگ ۽ تعميراتي جي شعبي ۾ وسيع پيماني تي سيڙپڪاري جو رجحان حوصلي وارو آهي، هائوسنگ ۽ تعيمرات شعبي جي ڪري ڪيترن ئي ٻين صنعتن کي به سهارو ملندو آهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.