حيدرآباد – 19 جون (اي پي پي) ضلعي ??نت??اميا حيدرآباد پاران حيدرآباد ڪلب قاسم آباد ۾ هڪ ڏينهن وارو ورچوئل مينگو شو منعقد ڪيو ويو. مينگو شو ۾ 20 کان وڌيڪ اسٽال لڳ??يا ويا جتي سنڌڙي، سنهري، سونارو، لال بادشاهه، بيگن پالي، زافران، انور ??ٽول ، آبوسي، زردالو، پتاشو، رتم گولو، ڪاروديسي، جامن، انوکا سردا، لنگڙو، دسهري کان علاوه 100 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا انب نمائش ۾ رکيا ويا. واضح رهي ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي فيس ??ڪ پيج تان پڻ مينگو شو سڌو سنئون ڏسڻ لاءِ ??نت??ام ڪيو ويو هو. ورچوئل مينگو شو دوران آن لائن خصوصي طور ??طاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ضلعي ??نت??اميا حيدرآباد جي سٿ کي بهترين مينگو شو منعقد ڪرڻ تي سندن واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته مينگو شو منعقد ڪرڻ جو مقصد انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائڻ آهي ۽ موجوده ڪورونا جي وبائي صورتحال جي ڪري ورچوئل پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي ته جيئن روايت کي برقرار رکي سگهجي ۽ انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي.