لسٻيلا / اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي جي لاءِ هڪ هزار ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان ترقي جي ڊوڙ ۾ ملڪ جي ٻين عل??ئقن کان پٺتي رهجي ويو ان لاءِ صوبي تي وڌيڪ ڌيان آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سون م??اڻي ساحل تي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ٻوٽو لڳائيندڙ ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ت?? پاڪستان جا سامونڊي عل??ئقا تمام گهڻا خوبصورت آهن جتي سياحتي جايون ٺاهي سگهجن ٿيون، هيستائين پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ سمورو ڌيان جابلو عل??ئقن تي ڏنو ويو، لسٻيلا ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ت?? پاڪستان ۾ مسلمان م??ڪن جي سياحن کي راغب ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن، پاڪستان الله تعاليٰ پاران تمام وڏو تحفو آهي، بدقسمتي سان اسان ان تحفي جو قدر نه ڪيو، حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته ماڻهن جي زندگي بهتر ڪئي وڃي، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌيڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوبي جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. وزيراعظم چيو ت?? سامونڊي عل??ئقن ۾ مينگروز جا ٻيلا چنئوڻ تي وڌيڪ صحت جي لاءِ هاڃيڪار ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا. هن چيو ت?? موسمياتي ماهرن جي تازي رپورٽ موجب عالمي گرمي پد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، عالمي گرمي پد ۾ اضافي سان مختلف ملڪن ۾ باهيون لڳڻ، ٻوڏن سميت قدرتي آفتون درپيش آهن.