لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بشريٰ بي بي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ لاهور جو دورو ڪيو، خاتون اول ان موقعي تي ايمرجنسي وارڊ سميت ا??پتال جي ٻين شعبن جو دورو ڪيو ۽ اتي ذهني مرض ۾ مبتلا مريضن کي ڏنل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ مريضن جي عيادت به ڪئي، اسپتال انتظ??مي?? خاتون اول کي مريضن کي ڏنل سهولتن بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي خاتون اول چيف ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر اشرف سان مريضن کي ڏنل سهولتن ۽ کاڌي پ??ي جي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي، خاتون اول اسپتال ۾ ٺهيل بورچي خاني جو به دورو ڪيو ۽ مريضن کي ڏنو ويندڙ کاڌي جي معيار جو به جائزو ورتو، هن اسپتال انتظ??مي?? کي هدايت ڪ??ي ته مريضن کي علاج جي بهترين سهولتن سان گڏوگڏ کاڌي جي معيار کي وڌيڪ بهتر بنايو وڇي، هن انسٽيٽِيوٽ کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي، هن اسپتال انتظ??مي?? کان پڇيو ته ڇا انسٽيٽيوٽ ۾ ڏنيون ويندڙ سهولتن مان مريض مطئمن آهن ۽ توهان ڪهڙي طرح ان کي وڌيڪ بهتر ٺاهي سگهو ٿا ان حوالي سان هن انتظ??مي?? کي هدايتون ڏنيون ته مريضن کي بهترين سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان تحريري طور تي پنهنجون تجويزون فراهم ڪن، اسپتال انتظ??مي?? خاتون اول کي ٻڌايو ته مريضن کي ناشتو، ٻنپهرن جو کاڌو، ميوا، شام جي چانهه، رات جي ماني ۽ ٻيون نيوٽريشن ڏنيون وينديون آهن ته جيئن انهن جي ذهني صحت کي مستحڪم بڻائي سگهجي، اسپتال انتظ??مي?? ٻڌايو ته ايندڙ سال جون کان اڳ اسپتال ۾ شروع ڪيل منصوبا جن ۾ بلڊنگس جي تعمير سميت ٻيا منصوبا شامل آهن مڪمل ڪيا ويندا، هن اسپتال انتظ??مي?? کي ڊرگس جي عادي مريضن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪ??ي. خاتون اول اسپتال ۾ ذهني مريضن لاءِ قائم ڪيل مختلف بلاڪن جو به دورو ڪيو ۽ اتي انهن کي ڏني ويندڙ علاج جي سهولتن جي مڪمل معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي هن انسٽيٽيوٽ آف مينل هيلٿ ۾ ٻوٽو به لڳايو.