اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منافعي خوري ۽ ذخي??ه اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتون فيلڊ ۾ نظر اچن، احس??س راشن، ڪامياب پاڪستان، آبادگار ڪارڊ، صحت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جون ٻيون اسڪيمون غريب طبقي کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ جاري ڪيون ويون آهن، عوام آڏو حقيقتون ۽ انگ اکر پيش ڪيا وڃن ۽ موثر آگاهي مهم هلائي وڃي، ذخي??ه اندوزن ۽ منافعي خوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قيمتن تي ڪنٽرول بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي کنڊ جي اسٽاڪ ۽ قيمتن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ کنڊ موجود آهي. پر سنڌ جي شگر ملز جي بندش جي ??يص??ي سان قيمتون وڌيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ڪڻڪ بحران ۾ پڻ وفاق ۽ باقي صوبن جي ??يص??ن سان اختلاف ڪيو جنهن جي ڪري هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ شين جون قيمتون وڌي رهيون آهن ۽ جيئن ته پاڪستان درآمدي شين تي دارومدار ڪري ٿو ان لاءِ مقامي مارڪيٽ تي اثر پئجي رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت غريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. احس??س راشن، ڪامياب پاڪستان، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جون ٻيون اسڪيمون غريب طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ جاري ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام آڏو حقيقتون ۽ انگ اکر پيش ڪيا وڃن ۽ موثر آگاهي مهم هلائي وڃي. قانون موجب ذخي??ه اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. حڪومت سياست کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ مهانگائي جي اثرن جو احس??س رکي ٿي. هن چيو ته کنڊ مافيا ۽ ذخي??ه اندوزن جي خلاف شگر فيڪٽريز (ڪنٽرول) ترميمي ايڪٽ 2021ع، پنجاب پريوينشن آف هورڊنگ ايڪٽ 2020ع ۽ پنجاب ر جسٽريشن آف گوڊ اونز ايڪٽ 2014ع جي قانونن تي هر صورت ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، منافعي خوري ۽ ذخي??ه اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتون فيلڊ ۾ نظر اچن. اجلاس ۾ ??يص??و ڪيو ويو ته هن وقت موجود کنڊ جي سموري اسٽاڪ کي مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ۽ 15 نومبر کان پوري ملڪ ۾ ڪمند جي ڪريشنگ شروع ڪئي وڃي. ڪريشنگ قانونن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ??يص??و ڪيو ويو ته ذخي??ه اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ڪندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، ڊاڪٽر فروغ نسيم، ناڻي واري ??لا??ڪار شوڪت فياض ترين، گهرو معاملن واري ??لا??ڪار مرزا شهزاد اڪبر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي جڏهن ته وڊيو لنڪ ذريعي چيف سيڪريٽري پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه مان سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا.