اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان رحمت للعالمين اٿارٽي بابت قدمن کي جلد عملي جامعو پارائ?? جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مديني جي رياست اصول پسندي ۽ اخلاقيات جو عملي نمونو هئي ۽ ميثاق مدينه انساني حقن جو محافظ هو، اسلامي معاشرو پنهنجي دور جو سڀ کان جدت پسند معاشرو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ رحمت للعالمين اٿارٽي جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن پير نورالحق قادري، شفقت محمود، پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر خالد مسعود ۽ شهزاد نواز شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. زوي??اع??م چيو ته صوفين سيرت جي روشني ۾ مقامي ماڻهن کي انهن جي زبان ۾ دين جي تعليم فراهم ڪئي، مذهبي تهوارن کي ڪردارسازي جو ذريعو بڻائڻ تي زور ڏنو ويندو، يونيورسٽين ۾ تحقيق ۽ غور فڪر سان سيرت جي اهم رخن کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جو هر شهري عاشق رسول ﷺ آهي، عشق رسول جو سڀ کان وڏو ثبوت نبي ﷺ جي سيرت تي عمل ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ وزي??اع??م کي اٿارٽي قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، اٿارٽي جي لاءِ ٺوس ميڊيا پلان ايندڙ هفتي پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جديد طريقيڪار سان نوجوانن ۽ ٻارن جي سيرت طيبه ﷺ جي روشني ۾ ڪردارسازي تي ڌيان ڏنو ويندو، عالمي سطح ??ي سيرت جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامو فوبيا جو خاتمو ڪر?? جي لاءِ سفارشن کي آن بورڊ ورتو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيز ۽ اسڪولز جي نصاب ۾ پڻ سيرت طيبه ج?? روشني ۾ اخلاقيات جي تدريسي شامل ڪئي ويندي، اسلام ۽ سائنس ۾ هم آهنگي کي اجاگر ڪر?? جي لاءِ تحقيق ۽ قدم پڻ اٿارٽي جي مقصدن ۾ شامل آهن. وزي??اع??م اٿارٽي بابت سمورن قدمن کي جلد عملي جامعو پارائ?? جي هدايت ڪئي.