اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آف??س پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم سان پي ٽي آءِ اڳواڻ غوث علي شاهه ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ شريڪ هو. ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ وفاقي حڪومت جي ج??ري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ وزيراعظم سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.