اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري کي تاريخي قدم قرار ڏيند?? چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، قومي سلامتي پاليسي تي موثر عملدرآمد ??اء?? سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي، دفاع، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انسان?? حقن جي وفاقي ويرن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، قومي سلامتي وارن صلاحڪارن ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري ڏني، وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪند?? چيو ته ملڪ جو تحفظ شهرين جي تحفظ سان جڙيل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي جي تياري ۽ منظوري کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏيند?? چيو ته قومي سلامتي ڊويزن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن هدايت ڪئي ته پاليسي موثر عملدرآمد ??اء?? سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن، هن قومي سلامتي جي صلاحڪار کي پاليسي تي عملدرآدمد ??اء?? ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، قومي سلامتي مشير اجلاس کي پاليسي جي مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏيند?? چيو ته قومي سلامتي پاليسي هڪ جامع قومي سيڪيورٽي فريم ورڪ تحت ملڪ جي شهرين جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ وقار يقيني ??ڻا??يندي، شهرين جي تحفظ جي خاطر پاليسي جو محور معاشي سيڪيورٽي هوندو، معاشي تحفظ ئي شهرين جي تحفظ جو ضامن بڻجندو. هن ٻڌايو ته پاليسي سازي دوران سمورن وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، پاليسي تي عملدرآمد يقيني ??ڻا??ڻ ??اء?? فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، قومي سلامتي ڪميٽي کان منظوري کانپوءِ پاليسي وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي ويندي.