اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هي??ٿ ڪوريج تي عملدرآمد ??ي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم عمران خان هڪ سادي تقريب ۾ وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هي??ٿ ڪوريج تي عملدرآمد ??ي لاءِ صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ??زي??اعظم جو صحت وارو خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب جي صحت واري ??زي?? ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تي نيشنل هي??ٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، پنجاب هي??ٿ انيشيٽوز مئنيجمينٽ ڪمپني جي سي اي او علي رزاق ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين شعيب جاويد حسين صحيحون ڪيون. ??زي??اعظم عمران خان 13 ڊسمبر 2021ع تي لاهور ۾ پنجاب جي سمورن شهرين ??ي لاءِ صحت سهولت پروگرام جو اعلان ڪيو هو. سوشل هي??ٿ پروٽيڪشن جي ان قدم جي ذريعي غريب خاندانن کي سڄي ملڪ ۾ مخصوص اسپتالن کان هر سال 10 لک رپيا في خاندان علاج ??ي لاءِ مفت هي??ٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. صحت ڪارڊ جي ذريعي اوپن هارٽ سرجري، اسٽنٽس لڳرائن، ڪينسر، نيورو سرجري، برين مئنيجمينٽ، حادثن، ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت، ڊليوري، سي سيڪشن ۽ گڙدي جي پيوندڪاري سان گڏ ٻئي طبي سرجيڪل علاج جي سهولت حاصل هوندي. سڄي ملڪ ۾ فهرست ۾ شامل ڪنهن به اسپتال مان مفت علاج ??ي لاءِ بين الصوبائي ۽ بين الاضلاعي جي سطح تي سهولت حاصل هوندي.