اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پگهاردار، وچين ۽ گهٽ آمدني وارن طب??ن کي رعايتي اگهن تي ضرورت جون شيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ 7 ارب رپين جو رليف پئڪيج باقاعده جاري ڪري ڇڏيو، رليف پئڪيج تحت سڄي م??ڪ ۾ قائم 4 هزار ??وٽيلٽي اسٽورز تي سستيون شيون دستياب هونديون. وزيراعظم جي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي م??قعي تي رليف پئڪيج جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جلد غريب ماڻهن جي لاءِ راشن ڪارڊ اسڪيم جو پڻ اعلان ڪندي جنهن تحت اهي يوٽيلٽي اسٽورز تان ماهوار 3 هزار رپين جون بنيادي ضرورت جون شيون حاصل ڪري سگهندا.