اسلام آباد – 11 جون (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان ضرورتمند گهراڻن کي ??وڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام جي سلسلي ۾ ڀارت کي مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنج?? پيغام ۾ وزيراعظم انگريزي اخبار جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي ??يو ته ان رپورٽ موجب ڀارت ۾ 34 سيڪڙو گهراڻا مدد فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ هفتي کان وڌيڪ زنده رهڻ جي قابل نه هوندا، هن ??يو ته اسان جي حڪومت 9 هفتن جي دوران هڪ ڪروڙ خاندانن کي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ 120 ارب روپين جي ??وڪ رقم شفاف ط??يقي سان فراهم ڪئي آهي، اسان جي ان پروگرام کي عالمي طور تي ساراهيو ويو آهي، وزيراعظم آڇ ڪئي ته هو ان طرح پروگرام جي ??اء?? ڀارت کي مدد ۽ معاونت فراهم ڪرڻ جي ??اء?? تيار آهي.