اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات وار?? خاص معاون ۽ سي پي?? اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه س??اجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ جي شروعات کان ئي زندگي ۽ روزگار ۾ توازن ت?? خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان وبا کي سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جهڙن بنيادي قدمن ذريعي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ٿو.