اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ماحوليات بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پاڪ??تا?? جي لاءِ فخر آهي، پاڪ??تا?? 10 لک هيڪٽر ٻيلن جي بحالي جو دنيا سان واعدو ڪيو آهي ۽ ان چئلينج کي قبول ڪيو آهي، پاڪ??تا?? پاران ايڪو سسٽم جي بحالي جو فلسفو فطرت جو تحفظ ۽ ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ آهي. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم عمران خان هو ۽ ان تقريب کي دنيا جي وڏن ملڪن جي سربراهن به خطاب ڪيو. ملڪ امين اسلم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪ??تا?? کي اهو اعزاز مليو آهي ته هو ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ قابل فخر آهي. هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي سان ايندڙ 10 سالن ۾ رخ جو تعين ٿيندو، دنيا جيڪڏهن ان دوران پنهنجو رخ تبديل نه ڪيو ته مستقبل ۾ حالتون مختلف هونديون. هن چيو ته اسان کي ماحول سان جنگ ناهي ڪرڻي پر ان کي پنهنجو دوست بڻائي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ هن وقت تائين 80 هزار ماڻهن کي گرين روزگار سان لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هن سال 2 لک جو وڌيڪ اضافو ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو 10 ارب وڻ پوکڻ جي ويزن ت??ت هڪ ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون. هن چيو ته پاڪ??تا?? دنيا جو 10 لک هيڪٽر وڻ لڳائڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي ان سان نه رڳو دنيا پر اسان جي ايندڙ نسلن کي به فائدو ٿيندو ان پروگرام جي تصديق ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ هڪ سال ۾ 15 نوان ??وم?? پارڪس ٺاهيا ويا آهن جنهن کانپوءِ هاڻي ??وم?? پارڪس سروس جو آغاز ڪري رهيا آهيون ان ت??ت زيارت ۾ اڪيڊمي ٺاهي رهيا آهيون اتان کان ت??بيت حاصل ڪندڙ 15 هزار نوجوانن کي انهن ??وم?? پارڪس ۾ روزگار ڏينداسين،