اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي پنهنجي آرگنائيزيشن سان معاهدي تي عملداري جي ل??ءِ ميڊيا ٽربيونلز سان رجوع ڪرڻ جي حق ۽ فيڪ نيوز تي ڏنڊ جي ??قن کانسواءِ تجويز ڪيل قانون ۾ هر تبديلي منظور آهي پر غريب ميڊيا ڪارڪنن کي قانوني دادرسي جو حق ڏيڻ اسان جو فرض آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فيڪ نيوز کي ڪيئن ميڊيا سيٺ جو حق مڃي سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي موجوده ميڊيا ماڊل ۾ عام ماڻهو، غريب ميڊيا ڪارڪن ۽ پبلڪ انٽرسٽ ٽنهي جو ت??فظ نه آهي، بليڪ ميلنگ کي پنهنجو حق قرار ڏيڻ ۽ اشتهار ڏيڻ رڳو پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي.