اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان انصاف، انسانيت ۽ خودداري کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت جي پاليسين جو محور قرار ڏيندي چيو آهي ته سڀئي وڏا اقتصادي انگ اکر مثبت رجحانن جو اشارو آهن، ڪووڊ جي ??اوجود قومي معيشت کي درست پٽڙي تي گامزن ڪيو ويو آهي، ٽن سالن ۾ غير ملڪي پرڏيهي ذخيرا، ٽيڪس جي وصولي، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، ڪورونا وبا ۾ اسان جي ??هتر حڪمت عملي کي دنيا تسليم ڪيو آهي، جيڪڏهن غلط فيصلا ڪري ڇڏيون ها ته ماڻهو بک مري وڃن ها، احساس پروگرام تحت شفاف طريقي سان ضرورتمند خاندانن ۾ رقم ورهائي وئي آهي، 10 سالن ۾ 10 ڊيم ٺاهينداسين، 40 لک غريب خاندانن کي بنا وياج جي قر??، فني تربيت ۽ صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويندا، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول ۾ بهتري آئي آهي، ڪاروبار ۾ آسانين جي ??والي سان درجا بندي ۾ به بهتري آئي آهي، تعليم جي ??عبي ۾ هڪجهڙو نصاب جاري ڪيو ويو آهي، اٺين، نائين ۽ ڏهين جي ڪلاسن ۾ سيرت النبي ﷺ جو ڪورس شامل ڪيو ويندو، ماضي جي ??ڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ويا هئا، آئنده پنهنجي ماڻهن کي ڪنهن ٻي جي لاءِ قربان نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ پاڪستان ڪنهن جي لاءِ استعمال نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ٿيندڙ خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن، ۽ پاڪستان جي ??ڪثريتي آبادي جي ??مر 30 سال کان مٿي آهي، نوجوانن لاءِ اهو پيغام آهي ته اسان هر نماز ۾ الله تعاليٰ کان سڌي رستي تي هلڻ جي ??عا گهرندا آهيون، سڌو رستو اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ ڏيکاريو ۽ حضور ﷺ جي ٻڌايل ۽ سيکاريل رستو آهي، اسان کي ان جي ??ندگي مان سکڻ جو حڪم مليو آهي، نوجوانن ۽ ٻارن لاءِ ان شيءَ کي سمجهڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ان سان اسان جي ??ظمت ۾ اضافو ٿيندو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڊگهي سياسي جدوجهد آهي ۽ ان جدوجهد دوران هڪ وقت اهڙو به آيو ته اسان سان گڏ پنج کان 6 سرگرم ماڻهو ئي رهجي ويا هئا، ماڻهن ۽ تنظيمن تي زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، پر زندگي مان سکيو ته ڪڏهن به خراب وقت کان ڊڄڻ يا گهٻرائڻ نه گهرجي، ڪرڪيٽ جي ڪري به ڪجهه ماڻهو مخالف ٿي ويا هئا، هر ڪامياب انسان سان ان جي ڀرپاسي جا ماڻهو حسد ڪندا آهن، راند انسان کي مسلسل جدوجهد ۽ هار ۽ جيت کي منهن ڏيڻ سيکاريندي آهي، حق تي هلڻ وارن کي سدائين مشڪلاتون درپيش رهنديون آهن، آئون پنهنجي ??ندگي ۾ هر غلطي ۽ هر هار کان سکي اڳتي وڌيس، مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ کانسواءِ ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي، هن چيو ته جڏهن وزارت عظميٰ جو منصب سڀناليو ته ان وقت به اهو ذهن ۾ آيو ته ڪٿي مشڪلاتن جو منهن نه ڏسڻو پوي پر پوء?? سوچيو ته گهٻرائڻو نه آهي، مشڪل وقت کي جيڪڏهن صحيح طريقي سان سمجهيو وڃي ته اهو ئي عروج جو رستو بڻجي ويندو آهي. ڪرڪيٽ ۾ مون کان وڌيڪ ٽئلينٽ وارا رانديگر به موجود هئا، پر آئون پنهنجي ??لطين جو سڌارو ۽ تجزيو ڪندو هئس ته ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿي ويندي هئي، پرچي پڪڙي ڪري اڳواڻ نٿو بڻجي ??گهجي، نه ئي شارٽ ڪٽ سان ڪڏهن ڪو اڳواڻ بڻيو آهي، قائداعظم پنهنجي ??ندگي ۾ جدوجهد ڪئي ۽ سندس جدوجهد پنهنجي ??ات لاءِ نه پر وڏي مقصد لاءِ هئي، پاڪستان جيستائين رهندو قوم قائداعظم لاءِ دعا ڪندي رهندي.