اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ڀارتي فورسز پاران سيد علي گيلاني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چ??و ته اڳ ۾ 92 سالا سيد علي گيلاني جيڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي جي ميت کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس ٺاهڻ نازين کان متاثر آر ??يس ??يس – بي جي پي سرڪار جي هٿان هندستان جي سفاڪيت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال آهي. وزيراعظم پنهن??ي ٽوئيٽ سان گڏ ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ و??ل??ري?? ڪشمير جي پوليس سيد علي گيلاني جي تدفين جي موقعي تي ڀارت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪستاني جهندي ۾ ويڙهڻ تي سيد علي گيلاني جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف بڊگام پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.