اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن نه رڳو طالبان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، و??ير??عظم عمران خان ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف طالبان ۽ تاجڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، تاجڪستان جي صدر کي سڄي دنيا ۾ تاجڪ احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، نئ??ن افغان حڪومت ۾ تاجڪن کي شامل ڪر?? جي ڪوشش ڪئي ويندي. افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاجڪستان جي صدر و??ير??عظم عمران خان سان ملاقات دوران ٻنهي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ گهري دلچسپي جو ??ظهار ڪيو آهي. طالبان سان ڳالهين جو ??علان تاريخي قدم آهي. هن چيو ته طالبان جي لاءِ انهن گروپن کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ آسان نه آهي جيڪي انهن سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڙهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي مسئلن جو پائيدار حل ڳول?? جي لاءِ انهن ٻنهي ڌڙن کي گڏ ملائڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي بحالي ا??م عنصر آهي، تاجڪستان جي صدر ۽ و??ير??عظم عمران خان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي عزم جو ??ظهار ڪيو آهي.