اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي مير عبدالقدوس بزنجو کي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلوچستان جو نئون چونڊيل وڏو وزير مير عبدالقدوس بلوچستان جي روشن مستقبل جي اُميد آهي. سيني?? سيڪريٽريٽ موجب هن چيو ته مير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ ماضي ۾ به مير عبدالقدوس بزنجو جي بلوچستان جي عوام لاءِ سيا??ي ۽ سماجي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته نئون چونڊيل وڏو وزير سمورن صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي گڏ کڻي هلندو ۽ گڏيل مشاورت ۽ هم آهنگي سان بلوچستان صوبي جي ترقي جي نئين دور جو آغاز ٿيندو.