اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحمت للعالمين اٿارٽي ??ابت سمورن قدن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رحمت للعالمين اٿارٽي ??و مقصد معاشري جي اخلاقي براين جو سيرت طيبه جي روشني ۾ تدارڪ آهي، ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سيرت طيبه جي تعليم عام ڪرڻ جي ل??ءِ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت للعالمين اٿارٽي ??ي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجل??س ۾ عالم سڳورن سان مشاورت جي طريقيڪار، عالمي سطح تي اٿارٽي ??ي تجويز ڪيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجل??س ۾ ايڊوائيزري ڪائونسل جي ڪردار، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن ۾ سيرت جي شعور جي ل??ءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسو??ءِ اجلاس کي ٺوس ميديا پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجل??س ۾ ٻڌايو ويو ته معياري نشري مواد جي ذريعي ٻارن ۽ نوجوانن کي سيرت طيبه کي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي، نشري مواد ۾ سيرت جي اخلاقي رخن تي ڌيان ڏئي معاشرتي براين جي تدارڪ ۾ مدد حاصل ٿيندي. وزيراعظم اٿارٽي ??ابت سمورن قدمن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجل??س ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊ??ڪٽر شهباز گل، پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود، ڊاڪٽر عارف بٽ شرڪت ڪئي جڏهن ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.