اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ عوام جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي سعودي عرب جي سلام??ي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ??اءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان اسلامي اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي ??ائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي ??اءِ سعودي عرب جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??يزن ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ پائيدار ڀائر??ڻن لاڳاپن جي ??اءِ اڻٿڪ ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم خاص طور تي مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان کي ڏني ويندڙ تازي مالي امداد تي پڻ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي حملن جي ??ذمت ڪندي وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي سلام??ي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ??اءِ پاڪستان جي ??ڪمل حمايت کي ورجايو. وڏي انگ ۾ پاڪستانين جي ??يزباني تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ڏوهارين جي ??ٽاسٽا جي ??عاهدي جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته ان فريم ورڪ جي ذريعي سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي ??ڪ وڏي انگ کي پاڪستان واپس موڪليو ويندو. شهزاده عبدالعزيز وزيراعظم کي سعودي ولي عهد پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ويجهن ڀائر??ڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستانين جي ??ثبت ڪردار جو پڻ اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي ??زارت سان لاڳاپيل معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائر??ڻن رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد، هم آهنگي، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي ??ستقل حمايت تي ٻڌل آهن.