اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينير صحافي غلام اڪبر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراع??م چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل صحافت جي سفر ۾ غلام اڪبر اعليٰ صحافتي قدرن کي وڌايو. هن چيو ته غلام اڪبر جي سياسي بصيرت ۽ قلم جي ذريعي انصاف جي لاءِ جدوجه?? سندس صحافت جو خاصو رهيو. وزيراع??م چيو ته غلام اڪبر جي صحافت لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان جي لاءِ دعاڳو آهي.