اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته پروگرام سرعام جي ٽي?? سان جيڪو واقعو پيش آيو ان تي فوري قدم کنيا ويا، واقعي جي ٺوس جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب چيئرمين فيصل جاويد جي صدارت ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته پيمرا جي قانونن ۾ به بهتري اچڻ گهرجي. ان موقعي تي ڪميٽي جي چ??ئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو ته سنڌ کانسواءِ پوري پاڪستان ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، گذريل اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا ٻڌايو هو ته سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ چاهي ٿي، سندس خاطري جي باوجود اڃا تائين سنڌ ۾ صحت ڪارڊ جاري ناهي ٿيو. ڪميٽي جي چ??ئرمين چيو ته اسان جا اڪثر فنڪار ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن لاءِ سرڪاري علاج جي ڪا سهولت موجود نه آه??، جيڪڏهن سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري ڇڏي ته فنڪارن کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو.