اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سينيئر صحافي، ڪالم نويس عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزي??ي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته عطاءُ الرحمان سدائين پنهنجي قلم سان عوامي مسئلا اجاگر ڪيا، ان جون پيشيواراڻيون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. فرخ حبي?? چيو ته صحاف??ي برادري هڪ سٺي ۽ ڏاهي صحافي کان محروم ٿي وئي آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ عطاءُ الرحمان کي جنت نص??ب ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.