اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون ڇوٽ نه ٿو وٺڻ چاهيان، پاڪستان جي آئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي، ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهن ٿا ۽ ان دوران گواهه لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا، ڪاغذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون، آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا ??قت تي ٿين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ڇوٽ نه وٺندي دهشتگردي جي خاتمي واري عد??لت ۾ پيش ٿيو. دهشتگردي جي خاتمي واري عد??لت جي جج محمد علي وڙائچ ٻڌڻي ڪئي. صدر 2016ع جي پنهنجي خلاف هٿيارن واري ڪيس ۾ عد??لت ۾ حاضرو ٿيو. صدر صدارتي ڇوٽ نه وٺي عد??لت آڏو پيش ٿيڻ جي درخواست ڪئي ه??ي. ??ارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهيرالدين بابر اعواڻ وڪيل طور عد??لت ۾ پيش ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بابر اعواڻ سان گڏ عد??لت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ??ه پاڪستان ۾ هڪ مثال قائم ڪرڻ چاهيان ٿو. آئون صدارتي ڇوٽ ختم ڪرائڻ چاهيان ٿو ان لاءِ پيش ٿيس. هن چيو ??ه آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ سڀ عدالتن جو احترام ڪن. جيستائين امير غريب سڀ برابر نه ٿيندا انصاف نه ٿيندو. آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا ??قت تي ٿين. هتي ڪيس نسلن سان گڏ هلندا رهن ٿا. صدر چيو ??ه ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهندا آهن، ان دوران گواهه مري وڃن ٿا، ڪاغذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون. مون اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ جي ??وشش ڪئي، جيترا خليفا آيا اهي عدالتن ۾ وڏي باوقار انداز سان پيش ٿيا، ڇوٽ جي ??نجائش نه آهي، پاڪستان جي آئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي. مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون اها ڇوٽ وٺڻ نه ٿو چاهيان. 2016ع ۾ مون تي الزام هنيو ويو هو، انهي عد??لت کان ضمانت به ورتي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ??اڏي پاڻ هلائي عد??لت مان واپس روانو ٿيو. صدر جي اچڻ کان اڳ ڪا اضافي سيڪيورٽي، نفري يا روٽ نه لڳايو ويو.