اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته روسي سيڙپڪارن ??ي لاءِ پاڪستان ۾ مختلف ??عبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته روسي واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا ۽ ان ??ي لاءِ مختلف ??عبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته روس توانائي جي فراهمي جي حوالي سان دنيا جو هڪ وڏو ملڪ آهي، چاهيون ٿا ته روس پاڪستان ۾ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري ڪري. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا خطي جي ترقي ۽ خو??حالي ??ي لاءِ لازمي آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ خاص معاون چيو ته پاڪستان روسي عملدارن سان توانائي ۽ ٻين اقتصادي شعبن تي نتيجاخيز ڳالهيون ڪندو.