اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ??ڏي?? عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان ۽ ??ڏي?? عرب امارات جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني قوم ??ڏي?? عرب امارات جي ڏک ۾ بر??بر جي شريڪ آهي. هن شيخ خليفه بن زيد النهيان جي مسلمان امت ۽ پاڪ – يو اي اي دوستي جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر چيو ته اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو.