اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لوڊشڊيڊنگ گهٽ ڪرڻ جي طريقن ۽ توان??ئي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، بجلي جي وڌيڪ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نصب ٿيل صلاحيت جي کوٽ آهي، سپلاءِ چين ۾ پڻ گيپ آهي ڇو ته پي ٽي آءِ ٻارڻ جا ڪيتر??ئي معاهدا نه ڪيا، اسان انهن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري رهيا آهيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ انهن سمورن منصوبن کي چار سالن ۾ نه هل??ئي سگهي جيڪي پي ايم ايل اين شروع ??يا هئا. هن چيو ته ??ريمون ۾ سيمنز جو ايل اين جي پلانٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 61.6 سيڪڙو ڪارائتو پلانٽ آهي ۽ هتي 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ پهرين ٽربائن اچي چڪي هئي، اهو پلانٽ اڃا تائي?? ناهي هلي سگهيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قومي سطح تي توان??ئي واري وزارت پاران انرجي ڪنزرويشن پلان هن مشڪل وقت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي جڏهن بجلي جي کوٽ آهي ۽ تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي منڊي ۾ بلند سطح تي آهن. هن چيو ته فنانس ڊويزن پاران ڪابينا ۾ ڪفايت شعاري جو منصوبو پيش ڪيو پيو وڃي. ڪابينا ميمبرن سميت سرڪاري عهديدارن جي پيٽرول استحقاق ۾ 40 سيڪڙو گهٽت??ئي ڪئي پئي وڃي.