اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس 13 -17 جون تائين برلن ۾ ٿ??ندڙ پنهنجي اجلاسن ۾ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز تي پاڪستان جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي ٻنهي ايڪشن پلانز (2018ع ۽ 2021ع) جي تڪميل کي تسليم ڪيو آهي ۽ هڪ آ?? سائٽ دوري جي جازت ڏني آ??ي، ايف اي ٽي ايف جي ميمبرن پاڪستان جي اڳڀرائي تي بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستان جي 34 آئٽمز تي مشتمل ٻئي ايڪشن پلان مڪمل ڪرڻ ۽ خاص طور تي رڪارڊ مدي ۾ 2021ع جي ايڪشن پلان جي جلد تڪميل تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ڪووڊ 19 جي وبا سميت ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ان ايڪشن پلانز جي ڪامياب تڪميل لاءِ پنهنجُون اڻٿڪ ڪوششون جاري رکيُون. بيان موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز جي لاڳو دوران سي ايف ٽي/اي ايم ايل ڊومين ۾ تمام گهڻو معاملن جو احاطو ڪيو ??هي?? ايف اي ٽي ايف سان رابطا پاڪستان ۾ هڪ مضبوط سي ايف ٽي/ اي ايم ايل فريم ورڪ جي ترقي جو باعث بڻيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي نظام ۾ بهتري آئي آ??ي، پاڪستاني وفد برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي مڪمل اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير/ايف اي ٽي ايف بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي چيئرپرسن حنا رباني کر ڪئي.