ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري دفاعي تجزيه نگار ۽ تعليمي ماهر پروفيسر علي سخن ور چيو آهي ته ڀارت آ??ٽي??ل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ڪشمير جي حو??لي سان سڄي خطي جي صورتحال کي عدم استحڪام جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حو??لي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جا تمام وڏا منفي اثر پوندا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪشميرين جا ح??صلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. 1989ع کان وٺي هيستائين ڀارتي فوجين هڪ لک ڪشميرين کي قتل ڪيو، 7 ه??ار کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست دوران ماريو ويو، 11 ه??ار کان وڌيڪ عورتن کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته 11 لک کان وڌيڪ ٻارن کي يتيم ۽ ا??ڪل 23 ه??ار عورتن کي بيواهه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ان بدترين صورتحال جو نوٽيس وٺي ته جيئن ڪشميرين جي آزادي جو خواب پورو ٿي سگهي.