اسلام آباد – 04 – آگسٽ (ا?? پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير??ان??ني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ??تم ڪرڻ جي غير??ان??ني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدم جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ ج?? موقعي تي اڄ جمعي ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهئيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي ج?? موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي ??هو پيغام ڏيندي ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرآئيني قدم جي مذمت جي لاءِ استحصال ڏهاڙو ملهائيندا. ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريلين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي ??جاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي ج?? موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خاموشي جي فوري پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪشميرين جي خراب حالت کي ??جاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي ??جاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع ت?? مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ??تم ڪري ڇڏيو هو، ان ??ان??ن تحت ڪشمير کي ??صوصي حيثيت ڏني وئي هئي.