اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو قوم سان گڏ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ڏينهن جي شروعات پاڪ فضائيه جي سمورين مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپو??ِ خصوصي دعائن سان ٿي جنهن ۾ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي ??ي لا??ِ خصوصي دعا ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ان ڏينهن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ ??ي لاءِ ايئر هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ پرچم ڪشائي جي ت??ريب منعقد ڪئي وئي. ايئر وائيس مارشل محمد نديم صابر ستاره امتياز (ملٽري)، انسپيڪٽر جنرل پاڪستان ايئر فورس پرچم ڪشائي ڪئي جنهن کانپوءِ تقريب ۾ موجود سموري عملي پوري قوم سان هم آواز ٿي قومي ترانو ڳايو. بعد ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) جو آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پي??ام پڙهي ٻڌايو ويو.