اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل چيو آهي، ته هاڻوڪي ٻوڏ جي ر??شن?? ۾ جي ڊي پي جي اوسر واري شرح 3.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان اهي، ٻوڏ جي ر??شن?? ۾ ام??اد ۽ ب??الي جي ڪمن لاءِ حڪومت بجيٽ ترجيحن جو نئين سر جائزو وٺندي، وسيلن اندر هوندي رهڻ سکڻو پوندو، پائيدار اقتصادي اوسر لاءِ بوم اينڊ بيسٽ سائيڪل مان نڪرڻ ضروري آهي. گذريل ڏينهن غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، آبادي جي لحاظ کان ملڪ جو ٻيو وڏو صوبو هڪ ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، سنڌ ۾ ڪپ??ه جي فصل مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي، ڪمند کي 25 سيڪڙو نقصان پهتو آهي، 10 لک چوپايو مال مري ويو، 10 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا آهن. سي اين بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو اندازو آهي ته ٻوڏ سبب 40 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آ??ن، جيڪا تباهي ٿي آهي ان جو تصور به ناممڪن آهي. ناڻي واري وزير چيو ته 99 سيڪڙو متاثر علائقن کي بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي. ٽيلي مواصلات جون خدمتون بحال ٿي ويون آ??ن، متاثر علائقن ۾ موبائيل فونز ڪم ڪري رهيا آ??ن، حڪومت انهن گهراڻن کي جن جي سربراهي عورتون ڪري رهيون آهن کي 25 هزار رپيا روڪ ام??اد جي معاونت جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪيو آهي. 4.6 ملين گهراڻن کي اها ام??اد فراهم ڪئي پئي وڃي. متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آ??ن، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ حڪومت انهن شين تي ٽيڪس جي ڇوٽ ۽ رعايتون ڏنيون آ??ن، وفاقي طرفان صوبن کي خيما، ڪمبل، موبائيل اسپتالون ۽ ٻيو امدادي سامان ڏنو ويو آهي، صوبا پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته جيڪا تباهي ٿي آهي اها اسان جي گنجائش کان وڌيڪ آهي، اهڙين حالتن م حڪومت جيڪو ڪري سگهي ٿي اهو ڪندي. هڪ سوال تي هن چيو ته ٻوڏ سبب 10 ارب ڊالرن جي نقصان جو انديشو آهي، سنڌ جي وڏي وزير پڻ چيو آهي، ته ڪچا گهر لکن جي تع??اد م تباهه ٿيا آ??ن، پاڪستان گڏيل قومن جي تعاون سان فليش اپيل ڪئي آهي ۽ عالمي ادارا ابتدائي طور 160 ملين ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ جاري ڪيل 350 ملين ڊالر ماليت جي قرضن کي فوري رليف جي قدمن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ 25 ملين ڊالر، يو ايس ايڊ 30 ملين ڊالر، يورپي يونين، برطانيه ۽ آسٽريليا پڻ معاونت جو اعلان ڪري چڪا آ??ن، گڏيل قومن جي اپيل تي عالمي برادري جي ميمبر ملڪن اعلان ڪيا آهن جيڪي ناڪافي آ??ن، ٻوڏ جي ر??شن?? ۾ ام??اد ۽ ب??الي جي ڪمن لاءِ حڪومت بجيٽ قدمن جو نئين سر جائزو وٺندي. بلوم برگ کي انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان کي پنهنجي وسيلن اندر هوندي رهڻ سکڻو پوندو، پائيدار اقتصادي اوسر لاءِ بوم اينڊ بيسٽ سائيڪل مان نڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته آمدني پيداوار ملڪ ۾ ايندڙ ڊالرن جي برابر هئڻ گهرجي، ان جو مطلب اهو آهي ته آسائش وارين شين تي پابندي جو عرصو ڊگهو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته هاڻوڪي ٻوڏ جي ر??شن?? ۾ جي ڊي پي جي اوسر واري شرح 3.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. ان کان اڳ هلندڙ سال لاءِ جي ڊي پي جي شرح 5 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو. اهڙي طرح مهانگائي کي 15 سيڪڙو تائين آندو ويندو. حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ سبزين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي آهي، ٻوڏ سبب ڪپ??ه جي فصل کي نقصان جي ر??شن?? ۾ حڪومت ٽيڪسٽائيل جي شعبي لاءِ ڪپ??ه گهرائڻ جي اجازت ڏيندي. پاڪستان هن وقت افغانستان، ايران، ترڪيه مان ٽماٽا ۽ ب??ر خريد ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان وٽ محدود ڊالر هوندا تڏهن ئي اسان پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪڻڪ ۽ خوراڪ به گهرائي سگهنداسين.