اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??نگ??ينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پا??ستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پا??ستان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پا??ستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پا??ستان ۽ ??نگ??ينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن ??ي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ ??نگ??ينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ پا??ستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پا??ستان ۽ ??نگ??ينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته پا??ستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهترين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پا??ستان حڪومت ??نگ??ينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پا??ستان ۽ ??نگ??ينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهترين مهمان نوازي تي پا??ستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پا??ستان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پا??ستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ??نگ??ينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پا??ستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.