اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئ?? ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شا??د وحيد جي سپريم ڪورٽ جي جج طور مقرري جي منظوري ڏئ?? ڇڏي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس عامر فاروق جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طور مقرري جي پڻ منظوري ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقررين جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني آهي.