اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي نالي وانگر بينظير هئي، هن مُشڪل حالتن ۾ به هڪ بهادر ڌيءَ، ماءُ، گهر??ار??ءَ ۽ ڀيڻ جا رشتا وڏي خوبي ۽ جرئت سان نڀايا، بينظير ڀٽو سياست ۾ تدبر، بهادري ۽ جدوجهد جو روشن مثال آهي، هوءَ آخري ساهه تائين وفاق جي زنجير بڻجي پاڪستان ??ي اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سرپيڪار رهي. بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته بينظير ڀٽو عورت سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ تحريڪ جو درجو رکندي هئي جنهن سدائين آمريت کي للڪاريو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ذاتي زندگي ۾ به ڏک برداشت ڪيا پر مشڪلاتن ان ??ي سياسي ۽ جمهوري جدوجهد کي وڌيڪ طاقتور بڻائينديون ويون. آئين، پارليامينٽ، جمهوريت، عوامي حقن ۽ سماجي بهتري جي لاءِ بينظير ڀٽو شهيد جي جدوجهد سدائين ياد رکي ويندي، سندس شهادت پاڪستان ??و تمام وڏو نقصان هو جنهن کي قوم ڪڏهن وس??ري نه سگهندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اڄ جي ڏينهن تي اڳوڻي صدر آصف علي زرد??ري کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻي پاڪستان ??ي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو هو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، بخت??ور ۽ آصفه ڀٽو سميت سمورن گهرڀاتين سان ??عزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ڏي.