اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان عوام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن، برطانيا پاڪستان جو سڀ کان وڏو يورپي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتا سان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ترقي جا تمام گهڻا امڪان آهن. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم سان برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر و??ير??عظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. و??ير??عظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي فروغ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ ڊاڪٽر ٽرنر جي خدمتن کي ساراهيو. و??ير??عظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سان ايندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ برطانيا جي تعاون ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. و??ير??عظم انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيو. و??ير??عظم پاڪستان ۾ برٽش ايئر ويز جي ڪمرشل فلائيٽ آپريشن جي بحالي ۾ ان جي نمايان ڪردار کي پڻ ساراهيو. و??ير??عظم هاءِ ڪمشنر جي لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.